اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ”احساس ڪير بکي?? نه سمهي“ پروگرام تحت غريب ماڻهن کي بهت??ين کاڌو فراهم ڪيو وڃي، پروگرام جي دائري ڪار ۾ واڌ ڏيڻ جي موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته غريب ماڻهن کي فراهم ڪيل کاڌي جي معيار جي حوالي سان شڪايت نه اچڻ گهرجي، وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي پروگرام ۾ توسيع جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته ” ڪير بکي?? نه سمهي“ پروگرام تحت هن وقت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو و??ندو آهي. وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪيو. جنهن کانپوءِ هاڻي 7 شهرن ۾ 16 ٽرڪن جي ذريعي کاڌو ورهايو و??ندو. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو و??ندو، ”احساس ڪير بکي?? نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو و??ندو آهي. هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو و??و آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکي?? نه سمهندو. احساس ڪير بکي?? نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ ??ام?? ڪرڻ لاءِ احساس ڪير بکي?? نه سمهي عطيات فنڊ به قائم آهي.
وزيراعظم پاران ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام تحت غريب ماڻهن کي بهترين کاڌو فراهم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ