اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه جي پرڏيهي وز??رن ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي ۽ برطانوي پرڏيهي وز??ر ڊومينڪ راب وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ افغانستان بابت خاص نمائندي سفير محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمد، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وز??ر برطانوي پرڏيهي وز??ر کي وفد سميت پرڏيهي وزارت آمد تي سندن آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته توهان جو هي دؤرو اهڙي تاريخي وقت تي ٿي رهيو آهي جڏهن افغانستان جي صورتحال اهم تاريخي موڙ تان گُذري رهي آهي. هن چيو ته 16 آگسٽ ۽ 27 آگسٽ تي به توهان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو هو. اسان افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو هو. وز??راعظم عمران خان ۽ برطانيه جو وز??راعظم بورس جانسن وچ ۾ پڻ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ افغانستان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وز??ر برطانوي هم منصب کي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وز??رن سان ٿيل تازن رابطن کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، اطمينان جوڳي ڳالهه اها آهي ته افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران رتوڇاڻ ناهي ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته طالبان قيادت طرفان معام معافيءَ جو اعلان، حقن جو تحفظ ۽ افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو يقين ڏيارڻ حوصلو ڏيندڙ آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو هڪ سونهري ۽ تاريخي موقعو آهي. عالمي برادريءَ کي 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيل غلطين مان سبق سِکندي افغانستان جي انساني ۽ مالي معاونت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته گهرو ويڙهه، معاشي بحران، پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته اسان ان نازڪ موقعي تي امن مخالف قوتن ”اسپائيلرز“ تي به ڪڙي نظر رکون ٿا جيڪي افغانستان ۾ امن جي ڪوششن کي تباهه ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جو حامي آهي، افغانستان ۾ امن پوري خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ خطي جي پاڙيسري ملڪن جو دؤرو ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران جي قيادت سان ٿيل ملاقاتون حوصلو ڏيندڙ ۽ نفعي بخش رهيون. پاڪستان 24 ملڪن جي سفارتي عم??ي، شهرين ۽ عالمي ادارن جي اهلڪارن کي ڪابل مان سندن ملڪ آڻڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه افغانستان جي موجوده صورتحال تي لڳاتار رابطي ۾ آهن. برطانوي پرڏيهي وز??ر ڪابل مان برطانوي شهرين ۽ سفارتي عملي کي افغانستان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ معاونت تي پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وز??رن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا. برطانيه طرفان پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳ??تي آهي، اسان کي اميد آهي ته برطانيه انگن اک??ن کي سامهون رکندي پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪندو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب وچ ۾ ڳالهيون، ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری