اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان لاءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي، افغانستان ??ا فنڊ رڳي ڪافي نه هوندا، عالمي برادريءَ کي افغانستان کي مالي بحران کان ??چائڻ ۽ معاونت لاءِ اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي. وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد اسپين جي هم منصب جوزي البرس سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ??اڪستان ۽ اسپين وچ ۾ اونها ٻه طرفه ناتا آهن. هن چيو ته ??ون اسپين جي پرڏيهي وزير کي افغانستان ??ي موجوده صورتحال تي پاڪستان ??ي نقطه نظر کان ??گاهه ڪيو. افغانستان ??ي حوالي سان پاڪستان ۽ اسپين جو نقطه نظر هڪجهڙو آهي، ٻئي ملڪ پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ چاهين ٿا پر سوال اهو آهي ته ان مقصد لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ضروري آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسپائيلرز دوحه ۾ بين الافغان ڳالهين کي حتمي نتيجي تائين پهچڻ نه ڏنو، جيڪڏهن بين الافغان ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿين ها ته صورتحال مختلف هجي ها، دنيا کي افغانستان ۾ نئين حقيقت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادريءَ کي افغانستان ??ي مدد لاءِ اڳيان وڌڻو پوندو. موجوده صورتحال ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جا اثر شديد نوعيت جا ٿي سگهن ٿا، اسان کي افغانستان ??رف هاڪاري رويي جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن ڪابل کان 200 ماڻهن کي کڻي هڪ اُڏام دوحه پهتي. افغانستان مان واپسيءَ جو انتظار ڪندڙ ماڻهن جي محفوظ واپسي عالمي برادريءَ جي خواهشن موجب آهي. پاڪستان ??فغانستان ??ي مدد جاري رکندو. هوائي ۽ زميني رستن وسيلي افغان ڀائرن جي انساني بنيادن تي معاونت جاري رهندي. هن چيو ته افغانستان ??و معاشي بحران ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ??ون ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان ??رفان کنيل ٺوس عملي قدمن کان ??گاهه ڪيو ۽ جي ايس پي پلس درجي جي حوالي سان ??سپين طرفان پاڪستان ??ي مسلسل حمايت تي اسپين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا، اسان پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ پنجين سالياني مشاورتي اجلاس جي جلد منعقد ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيون. اسپين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا بهترين موقعا موجود آهن. پاڪستان ??ي بهتر صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪئي آهي. مون انهي تناظر ۾ اسپين جي پرڏيهي وزير سان پاڪستان ??ي حوالي سان ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ٿيون. جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جڏهن ته اسپين جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزير جوزي البرس ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪستان ۽ اسپين وچ ۾ گهرا ۽ ٻه طرفه لاڳاپا آهن، اسپين يورپي يونين جو اهم ملڪ هئڻ جي ناتي پڻ اسان لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. هن چيو ته افغانستان ??ي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا آهن. افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران ??نهن گهرو ويڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو اهو في الحال ٽري چڪو آهي، جڏهن ته طالبان ??رفان ??ام معافي، افغانين جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان ??امهون آيل شروعاتي بيان ??وصلو ڏيندڙ آهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪستان ??فغان ??من عمل ۾ ڀرپور ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. چئن ڏهاڪن بعد افغانستان ۾ امن جي اُميد پيدا ٿي آهي جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي. ان نازڪ مرحلي تي جيڪڏهن دُرست فيصلا نه ڪيا ويا ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته ان ??ا خراب اثر ظاهر ٿيندا. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ??تفاق ڪيو آهي ته افغانستان ??ي پاڙيسري ملڪن کي مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??اڪستان 30 کان وڌيڪ ملڪن جي 12 هزار ماڻهن کي ڪابل مان محفوظ واپسيءَ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ??ون کي خوشي آهي ته توهان ??و هي دؤرو ان موقعي تي ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ڪامياب سفارتي ناتن کي 70 سال مڪ??ل ٿيڻ تي آهن. اسپين يورپي يونين ۾ پاڪستان ??و ٽيون وڏو واپاري شراڪتدار آهي جڏهن ته ??نهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ دفاعي پيداوار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسپين پاڪستاني مسافرن لاءِ ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪندو. اسپين جي پرڏيهي وزير شاندار استقبال ڪرڻ تي مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا ۽ اسپين ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ سياسي مشاورتي مڪ??نزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو عزم ورجايو.
افغانستان لاءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ جي اسپين جي هم منصب سان ڪيل گڏيل پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : sorteios quina