اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار ماحولياتي تحفظ منصوبو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آلودگي بابت مسئل?? جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ه?? ملڪ جي وڏن سهرن کي آلودگي کان بچائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين ۽ ان سلسلي ۾ فوري طور تي سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيرا??ظم چيو ته صاف سٿرو ۽ آلودگي کان پاڪ پاڪستان اسا?? جي اولين ترجيح آهي. ماحولياتي تبديلي بابت مسئل?? جي حل لاءِ پائيدار بينادن تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيرا??ظم چيو ته وڏي پئماني تي شهرن ۾ وڻڪاري جي ذريعي حڪومت وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيرا??ظم جي ماحولياتي تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جو چيف سيڪريٽري، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بابر حيات تارڙ وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا.
آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار ماحولياتي تحفظ منصوبو وقت جي اهم ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار