اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان مو??ميات?? تبديلي جي مسئلي جو حصو نه آهي پر ان جي حل جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو، آلودگي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري پائيدار شهري صفائي جي منصوبي جي ضرورت آهي، ايندڙ نسل کي صاف سٿرو مستقبل فراهم ڪرڻ جي ذميواري مو??وده نسل تي آهي، اسان کي پنهنجي جبلن کان وٺي سمنڊ تائين سنڌو درياءَ جي طاس جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، حياتياتي تنوع جو نقصان ٻيلن جي واڍيءَ ۽ ٻيلن جي زمين تي قبضن جي ڪري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي مو??ميات?? تبديلي بابت ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فضائي آلودگي جا مسئلا نومبر کان شروع ٿيا جيڪو خشڪ ترين مهينو هو جنهن پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن کي متاثر ڪيو. وڌيڪ اهو ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزين پاڪستان ۾ سنڌو درياءَ جي طاس جي حياتياتي تنوع کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. وزيراعظم شهري علائقن جي لاءِ فوري ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي زور ڏنو جتي ماحولياتي مسئلا بشمول گرين ڪور جو نقصان، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ فضائي آلودگي جي فوري حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ايندڙ نسلن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ مو??ميات?? تبديلين سان مو??فقت جي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومتن ڪلين اينڊ گرين پاڪستان جا قدم اسان جي نوجوانن کي ذهن ۾ رکندي شروع ڪيو هو ۽ اهو ته صاف سٿرو مستقبل فراهم ڪرڻ جي ذميواري مو??وده نسل جي ڪلهن تي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ماحولياتي آلودگي جي عالمي ذريعن ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر مو??ميات?? تبديلي جا اثر پاڪستان تي تمام وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسئلي جو حصو نه آهي پر اسان ان جي حل جو حصو بڻجڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم مو??مياتي لحاظ کان مو??قق مستقبل جي لاءِ سنڌ طاس جي ماحولياتي بحالي جي تصوراتي منصوبي جي اصولي منظوري ڏني. تصوراتي منصوبي ۾ تحفظ ۽ آلودگي تي ضابطو آڻڻ جا قدم شامل آهن جيڪي سنڌو درياءَ جي طاس جي اوپري ڌاري، سنڌ جي ميداني ۽ هيٺئين طرف وهڪري ۾ کنيا ويندا. منظوري ۽ عملدرآمد جي لاءِ هڪ تفصيلي منصوبو 4 مهينن جي اندر مڪمل ڪيو ويندو ۽ مو??وده قدمن کي ٺوس بڻائڻ ۽ خال کي ڀرڻ جي لاءِ نوان قدم تيار ڪرڻ جي لاءِ ويزن ۽ ايڪشن بيسڊ فريم ورڪ فراهم ڪندو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ پاران نيچر پاليسي بيسڊ بجٽري سپورٽ جي تصور جي تجويز جي پڻ منظوري ڏني وئي جيڪا ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ جديد گرين فنانسنگ کي تيز ڪندي. ان کان اڳ وزيراعظم جي مو??ميات?? تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم تازو ئي گلاسڪو ۾ منعقد ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي) 26 ۾ پاڪستان جي شرڪت بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي برادري پاڪستان جي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۽ ماحولياتي تحفظ جي ٻين سمورن پروگرامن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته رڳو 8 نمائندن تي ٻڌل پاڪستاني وفد 25 ضمني تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، 50 کان وڌيڪ ٻطرفيون ??لا??اتون ڪيون ۽ سي او پي 26 دوران ترقي يافته ملڪن سان ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون. اجلاس ۾ سنڌو درياءَ جي طاس تي مو??ميات?? تبديلي جي منفي اثرن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ٻڌايو ويو ته سنڌو درياءَ جي طاس تي پوندڙ منفي اثرن ۾ فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ گرم ۽ خشڪ مو??م، سخت ٻوڏ ۽ ملڪ ۾ حياتياتي تنوع جو نقصان شامل آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن عمر ايوب خان، محمد حماد اظهر، فواد احمد، سيد فخر امام، چوڌري مونس الاهي، خاص معاون ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي و??ير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي و??ير محمود خان، گلگلت بلتستان جي وڏي و??ير خالد خورشيد، مملڪتي و??ير زرتاج گل، سينيٽر فيصل جاويد، مو??ميات?? تبديلي سنڌ واري و??ير محمد اسماعيل راهو، گڏيل قومن ۽ ورلڊ بئنڪ جي سينيئر نمائندن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.
پاڪستان موسمياتي تبديلي جي مسئلي جو حصو نه آهي پر ان جي حل جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : apostas quina