اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سي??يورٽي اهلڪارن جي پونئيرن س??ن ٽيليفون تي تعزيت ??ئي. صدر 30 ڊسمبر 2021ع تي اتر وزيرستان ۾ سرچ آپريشن دور??ن شهيد ٿيندڙ فوجي اهلڪارن جي وارثن س??ن ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر قوم جي لاءِ قرباني ۽ خدمتن تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر حوالدار محمد منور ۽ سپاهي محمد شيراز جي گهرڀاتين س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي ذڪاءُ الله ۽ سپاهي فرحان جي پونئيرن س??ن پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 5 جنوري تي ٽانڪ ضلعي ۾ سرچ آپريسن دور??ن شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين س??ن پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي شعيب حسن ۽ سپاهي فريدالله جي پونئيرن س??ن رابطو ڪيو. صدر ڪيچ ضلعي بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ منظور عباس ۽ سپاهي عبدالفتح جي وارثن س??ن پن تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊيره اسماعيل خان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي الياس جي وارثن س??ن پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
صدر پاران مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ