اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قرارداد لاهور ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي عظيم مقصد جي لاءِ متحد ڪيو، قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ تحريڪ آزادي جي اڳواڻن جي قربانين سان پاڪس??ان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿي. پاڪس??ان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان جي ترقي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ لڪل آهي، جمهوري روايتن سان رواداري، هم آهنگي ۽ برداشت کي هٿي ملندي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستاني معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي جڏهن ته اسان ان وچن کي ورجائڻو پوندو ته اسان بزرگن جي نقش قدم ت?? هلندي پاڪس??ان کي عظيم تر ملڪ بڻائينداسين. هن چيو ته هلندڙ سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪ??ئونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد مسلمان دنيا ۾ پاڪس??ان جي اهم ڪردار جو واضح اظهار آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪس??ان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.
23 مارچ جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا