اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تا??ي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي جو خطرو آهي، لکين گهر ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل جي تباهي سان غريبن جي بار ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جا هد?? حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 17 آڪٽوبر تي غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي مڪمل خاتمي لاءِ خوراڪ، روزگار، صحت، گهر، انصاف جي پهچ وڌائڻ سان گڏوگڏ عوام جي سياسي شموليت ۽ انهن جي اختيارن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي غربت ۽ ان جي سڀني شڪلين جي مڪمل خاتمي جي عزم کي ورجايون ٿا. پاڪستان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جا هد?? حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غربت ۽ بک دنيا جي انساني حقن جي خلاف آهي، ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفتون غربت ۾ اضافي جو وڏو سبب آهن. تا??ي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي جو خطرو آهي. هن چيو ته غربت جي خاتمي، زمين ۽ ماح??ل جي تحفظ جي اصولن تي ڪا??بند رهندو. ماحولياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪن جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو آهي. صدر چيو ته ٻوڏ جي ڪري عالمي برادري کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻو پوندو. پاڪستان غربت جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا. صدر چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، احساس پروگرام، صحت ڪا??ڊ جهڙا مختلف قدم کنيا ويا. پاڪستان مستقبل ۾ غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻندو رهندو.
تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي جو خطرو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گرم گرم