اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽ??ي جنرل حسين ابراهيم طحيٰ اڄ ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽ??ي جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ??عوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي. او آءِ سي جي ??يڪريٽ??ي جنرل جي ??وري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو آهي. او آءِ سي جو سيڪريٽ??ي جنرل دوري دوران وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي ??طح تي ملاقات ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽ??ي جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽ??ي جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ??يجنڊ اتي موجو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ ڇنڇر تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز