اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو ڪندو ۽ ترڪيه ۾ آديامان شهر ۾ پاڪستان پاران موڪليل ام??ادي سامان جو جائزو وٺندو. پنهنجي ٽوئيٽ ?? هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمن سان ملاقات ڪندو ۽ جاري ريسڪيو آپريشن جو جائزو وٺندو. وزيراعظم آديامان يونيورسٽي ۾ زلزلي سٽيلن سان ملاقات ڪندو ۽ انهن جي مدد لاءِ قائم سينٽر جو دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم اتي ترڪ وزيرن ۽ عملدا??ن سان ملاقات ڪندو جتي انهن کي جاري ام??ادي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ