اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي بحالي جي حوالي سان پاڪستان پاران ريليف ۽ بحالي جي ڪ??رر??اين کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ترڪيه جي لاءِ مجموعي طور تي 69 اڏامن جي ذ??يعي 2686 ٽن خيما روانا ڪيا ويا آهن جڏهن ته 2597 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام کي سامونڊي جهازن جي ذ??يعي موڪليو ويو. وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي 50 هزار خيما تي??ر ڪرايا آهن جن ۾ فائر پروف خيما پڻ شامل آهن. اين ڊي ايم اي هيستائين 26 خصوصي اڏامن جي ذ??يعي 36402 سردي جي موسم جا خيما ترڪيه موڪليا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار