اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??وبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي محت??ب بلوچستان نذر محمد بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موق??ي تي صوبائي محت??ب بلوچستان صدر کي اداري جي سال 2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. صدر چيو ته ??رڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ضروري آهي، وفاقي ۽ صوبائي محتسبين انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته محتسبين جون خدمتون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي، ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ محتسب جي پهچ کي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ گهرجي. صدر چيو ته ??وبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائي، بلوچستان جي عوام کي محتسب جي ڪردار بابت آگ??هي ڏيڻ جي لاءِ موثر آگ??هي مهم شروع ڪئي وڃي. ملاقات جي موق??ي تي صوبائي محتسب صدر کي 2021ع جي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. هن چيو ته ??ندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ رجسٽرڊ شڪايتن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو. صوبائي محت??ب بلوچستان چيو ته ??وبائي محتسب کي 2021ع ۾ 1321 شڪايتون مليون جن مان 1043 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو. هن چيو ته ??ڪثر شڪايتون تعليم ۽ صحت جي کاتن بابت هيون. نذر محمد بلوچ چيو ته ??لوچستان جي 7 مختلف ضلعن ۾ عوامي سهولت جي لاءِ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪيون ويون.
صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا