اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي جاري ڪيل عالمي مذهبي آز??دي جي رپورٽ ۾ پاڪستان بابت بي بنياد دعوائن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته خودمختيار رياستن جي اندروني معاملن بابت اهڙي طرح جي غلط رپورٽنگ بي معنيٰ ۽ غيرذميواراڻي آهي، جنهن جو ڪو به نتيجو نه نڪرندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان کي پنهنجي گهڻ رخي مذهبي ۽ سماجي قدرن تي فخر آهي. پاڪستان جو آئين سڀني پاڪستانين جي حقن ۽ آز??دين جي تحفظ ۽ ان جي عقيدي تي قطعي طور تي ان کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ وسيع پئماني تي قانوني، پاليسي ۽ مثبت قدمن جي لاءِ هڪ مضبوط فريم ورڪ مقرر ڪري ٿو. هن چيو ته اه?? حق ۽ آئيني ضمانتون هڪ آز??د عدليه ??ي ذريعي محفوظ ۽ برقرار آهن. ترجمان چيو ته اسان ان ڳالهه تي پڪو يقين رکون ٿا ته هر رياست جي اها بنيادي ذميواري آهي ته اه?? پنهنجي شهرين جي مذهبي حقن ۽ آز??دي کي فروغ ۽ تحفظ فراهم ڪري. پاڪستان مذهبي آز??دي ۽ اقليتن جي حقن جي اه?? سوال تي گڏيل افه??م تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سدائين عالمي برادري سان تعميري تعاون ڪيو آهي. هن چيو ته آمريڪا سميت پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ مسلم مخالف نفرت، نسل پرستي ۽ اسلامو ف??بيا ۾ مسلسل اضافي بابت سنگين ڳڻتين جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته عالمي حصيدارن سان گڏجي مذهبي عدم برداشت، امتيازي سلوڪ ۽ اسلامو ف??بيا جي انهن خطرناڪ شڪلين جو مقابلو ڪنداسين.
پاڪستان پاران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي جاري ڪيل عالمي مذهبي آزادي جي رپورٽ ۾ پاڪستان بابت بي بنياد دعوائُون واضح طور تي رد
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری