اسلام اباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي۽ محصولن واري وف??قي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته هلندڙ سال معاشي ترقي جو هدف 3.5 سيڪڙو رکيو ويو آهي. مجموعي محصول 12163 ارب رپي?? آهن جن مان 9200 ارب رپيا ايف بي آر ۽ 2963 ارب رپيا نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ حاصل ٿيندا. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته مجموعي فيڊرل روينيو جو ڳاڻيٽو 14463 ارب رپي?? آهي، ج??هن مان 7301 ارب رپيا مارڪ اپ جا شامل آهن. بچاءَ لاءِ 1804 ارب رپيا رکيا وي?? آهن. پينشن جي مد ۾ 761 ارب رپيا ۽ جاري خرچن لاءِ 714 ارب رپي?? آهن. وف??قي حڪومت جو مجموعي خسارو 7573 ارب رپيا هوندو، خسارو 9 سيڪڙو کان گهٽجي 7 سيڪڙو جي شرح تي اچي ويو آهي. پرائمري بئلنس 380 ملين ڊالر آهي، جيڪو جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو بڻجي ٿو. مجموعي جي ڊي پي 105 ٽريلين رپيا هوندو.
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری