اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گهرو وزارت ۾ نئين ويزا نظام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي به موجود هو. گهرو وزارت جي عملدارن نگران وزيراعظم کي نئين ويزا نظام بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نئين ويزا نظام تحت بزنس مينز کي گه?? کان گه?? وقت ۾ ويزا جاري ڪيا ويندا ۽ ان مقصد جي لاءِ گه?? کان گه?? دستاويز گهربل هوندا. ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ويو آهي ته جيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي فروغ ملي. نگران وزيراعظم گهرو وزارت پاران نئين ويزا نظام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان سا?? ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. نگران گهرو وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته نادرا جي تعاون سان گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران گهرو وزارت ۾ نئين ويزا نظام جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج