ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان با??ت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آه??، اليڪشن ڪميشن جي مال??، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنداسين. اها ڳالهه هن اطلاعات واري صوبائي نگران وزير احمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ رابطي جي ڪا کوٽ نه هج??، ان حوالي سان صوبائي اطلاعات وارن وزيرن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين. هن چيو ته ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته وڏا پاليسي فيصلا ڪرڻ چونڊيل پارليامينٽ جو ڪم آه??، اسان جي ڪوشش آهي ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي آه??، ان کانپوءِ کان حالتون خراب نه ٿين، اسان بهتر حالت ۾ ملڪ چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي ۽ اسان اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ڪراچي جا ڪيترائي دورا ڪيا آهن، نگران وزيراعظم گذريل ڏين??ن ڪراچي جو دورو ڪيو، هتي قيام به ڪيو ۽ واپارين سان ملاقات پڻ ڪئي. اڄ به نگران وزيراعظم ڪراچي جو دورو ڪري رهيو آه??، اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم جو صوبن ۽ مختلف شهرن ۾ وڃڻ جو سٺو رڪارڊ آهي، توهان ايترو دوست وزيراعظم ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته سيڪيورٽي جا خدشا هر اليڪشن ۾ رهيا آهن، 2008ع ۾ اليڪشن مهم دوران اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي هئي، 2013ع جي چونڊن ۾ به سيڪيورٽي جو چئلينج موجود هو. هن چيو ته اڃا تائين اهڙي ڪا صورتحال پيدا ناهي ٿي جنهن کي اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪنٽرول نا??ن ڪري سگهيا.
چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ