اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذمت ڪندي ان کي ڀارت ۾ مسلمانن جي پسماندگي وڌائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب صديون پراڻي مسجد کي 6 ڊسمبر 1992ع تي انتهاپسند هندوئن جي هجوم شهيد ڪري ڇڏيو هو، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هندستان جي اعليٰ عدليه نه رڳو ان ڪڌي فعل جي ذميوار ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي مندر ٺاهڻ جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي شهر ايوڌيا ۾ شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ”رام مندر“ جي تعمير جي مذمت ڪري ٿو. اهو هندستاني مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي پسماندگي جي لاءِ جاري ڪوششن جو هڪ اهم رخ آهي. شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ٺاهيل مندر ايندڙ وقتن ۾ هندستان جي جمهوريت جي چه??ي تي ڪارو ڌٻو بڻجندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت ”هندوتوا“ نظريي جي وڌندڙ لهر مذهبي هم آهنگي ۽ ع??ائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ??وه?? جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏيل قومن ۽ ٻين ??اڳاپيل عالمي ادارن کي ڀارت ۾ اسلامي ثقافتي جاين کي انتهاپسند گروهن کان بچائڻ ۽ ڀارت ۾ اقليتن جي مذهبي ۽ ثقافتي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪ??دا?? ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذمت
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil