اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ??ي ڪردار، سرگرمين ۽ آڊٽ نشاندهين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيشت جي دستاويزي ۽ حڪومتي ڏيتي ليتي ڊيجيٽل بڻائڻ سان ??فافيت کي هٿي ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ??فيس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل صدر کي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ??ڊيٽر جنرل آف پاڪستان ??ي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، قومي خزاني جي صحيح استعمال ۽ شفافيت جي فروغ لاءِ پارلياماني نگراني لازمي آهي. صدر چيو ته حڪومتي مالي انتظام جي نظام کي مستحڪم ڪرڻ ۽ خامين جي نشاندهي ۾ آڊيٽر جنرل جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، حڪومتي خرچن ۾ شفافيت ۽ مالياتي احتساب مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قانوني فريم ورڪ ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ??در کي مالياتي احتساب جي عمل ۾ اداري جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ??و ادارو آڊٽ عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، آڊيٽر جنرل مالي سا?? 23 ??? 2022ع ۾ 95 سيڪڙو ڪمپلائنس آڊٽ مڪمل ڪيا، آڊٽ ۽ اڪائونٽنگ عمل ۾ بهتري سان ??فافيت، احتساب ۽ گڊ گورننس کي هٿي ملندي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي پليٽ فارمز ۽ مصنوعي ذهانت جي ٽولز کي آڊٽ عمل ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن، آڊٽ جي عمل جي ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ آڊٽ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم فعال ڪيو ويو. اڪائونٽنگ عمل جي ڊيجيٽلائيزيشن ??ان پينشنرز کي موثر انداز ۾ رقم جي ادائيگي ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ اداري جي ڪارڪردگي ۾ اضافي سان ??هرين کي سڌوسنئون فائدو پهچندو. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ??ڪومت سميت مختلف ادارن کي آڊٽ جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر حڪومتي شعبي ۾ شفافيت ۽ پارلياماني نگراني جي نظام ۾ مدد ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ??ي ڪردار کي ساراهيو.
آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ڪردار، سرگرمين ۽ آڊٽ نشاندهين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج