اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته روس ۽ چين سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا. ”طلوع نيوز“ کي هڪ خصوص?? ا??ٽرويو ۾ هن چيو ته افغانستان کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين سمورا خطا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ افغانستان جي موجوده حڪو??ت کي تسليم نه ٿا ڪن پاڪستان ان حوالي سان هڪ قدم پڻ اڳتي نه وڌندو. هن چيو ته آئون ذاتي طور تي يقين رکان ٿو ته خطي جا سمورا ملڪ چاهين ٿا ته افغانستان حڪو??ت کي تسليم ڪيو وڃي، جڏهن ته آئون صحيح وقت بابت ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان پر علائقائي ملڪ ان ڳالهه کي سمجهي چڪا آهن، مون کي يقين آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان کي تسليم ڪرڻ جو مسئلو حل ٿي ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته ڊيورنڊ لائين افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عالمي سطح تي مڃيل سرحد آهي، گڏيل قومون ۽ 206 ملڪن ان کي عالمي سرحد جي طور تي منظور ڪيو آهي ۽ افغان عوام ان بابت ڇا ٿي چو?? ا??و ان جو اندروني بحث آهي، جنهن سان مون کي ڪا دلچسپي نه آهي. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ک?? ا??غانستان جي ڪجهه صوبن ۾ پناهگاهون حاصل آهن ۽ ان مسئلي جي ڪري پاڪستن ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جڏهن منهنجا ماڻهو توهان جي سرزمين تي اچن ٿا ۽ ان جو اس??عم??ل ۽ ان تي ٽرينن?? ڪن ۽ پوءِ اچي منهنجي قوم کي نقصان پهچائين، ته آئون توهان ک?? ا??و ضرور چوندس ته منهنجو ناخوشگوار ڀاءُ توهان جي سرزمين تي آهي، ڀلي توهان جي اجازت سان هجي يا نه هجي، پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري ڇڏڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته اهو پاڪستان جو موقف آهي ۽ اسان افغان حڪومت ت?? ا??هن ماڻهن کي ڄاڻي واڻي پناهه ڏيڻ جو ا??زا?? نه لڳايو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ ک?? ا??غانستان جي خلاف پاڪستان جون فضائي حدون اس??عم??ل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
روس ۽ چين سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار