اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم جي تازي سعودي ????ب جي دوري دوران قيادت جي سطح تي ٿيندڙ اهم مفاهمت جو ذڪر ڪيو. سعودي ??رب سان لاڳاپن جي بلندي کي ساراهيندي هن ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي ????ب جي دورانديشي ۽ مستقبل جي قيادت ۾ غيرمعمولي ا??ڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي ????ب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي ??ي لاءِ ڪيترن ئي شعبن ?? وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان پاران پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان سلسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي روشني وڌي. سعودي پرڏيهي وزير سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان سعودي ????ب جي گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي ا??ڀرائي ۽ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو.
سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جو پرڏيهي وزارت جو دورو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے