ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي اس??حڪام جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ويجهي تعلق ۽ هم آهنگي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته عوام جي مسئلن جي حل، ملڪ جي خدمت، صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ڪنهن به صوبي ۽ عوام جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي اس??حڪام جو آهي، سعودي ۽ ايراني قيادت جي دورن سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن ??قب??ل، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن وارو وفاقي اويس احمد خان لغاري، تعليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سنڌ ڪابينا جا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن جي ن??يج?? ۾ اس??ن کي مينڊيٽ مليو آهي، اس??ن کي ان مينڊيٽ جو احترام ڪندي گڏجي ملڪ جي خدمت، صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اس??ن عوام جا مسئلا حل ڪري سگهون، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي اس??حڪام جو آهي، ان جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي ويجهو تعلق ٺاهڻو پوند??. س??ڌ جي وڏي وزير سان ويجهو رابطو آهي، وفاقي ۽ صوبائي وزير به هڪ ٻئي سان تعلق قائم ڪن، سنڌ جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، پنجاب جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، اهڙي طرح ٻين صوبن جي ترقي به پاڪستان جي ترقي آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته ان تعلق کي مضبوط ٺاهيان، ڪجهه وقتن تي اس??ن کي اهڙا فيصلا به ڪرڻا پوندا جيڪي شايد اس??ن پنهنجي لاءِ پسند نه ڪندا هجون پر ملڪ جي عوام ۽ صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪرڻا پوندا ته جيئن جمهوريت ۽ ترقي جي گاڏي اڳتي وڌي. وزيراعظم چيو ته سعودي ۽ ايراني وفدن پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، ايران جو صدر ڪراچي به آيو، اهڙي طرح اڳتي به اميد آهي ته سيڙپڪاري جي لاءِ وفد پڻ پاڪستان جو دورو ڪندا ۽ چئني صوبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻندا پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اس??ن پنهنجو هوم ورڪ ڪريون، پاڻ ۾ هم آهنگي هجي ۽ پوري تياري ۽ هڪ جهڙي سوچ سان اڳتي وڌنداسين ته مثبت نتيجا سامهون ايندا. وزيراعظم چيو ته اس??ن ملڪ جي عوام جي لاءِ ٽيم بڻجي ڪم ڪنداسين، ان کانسواءِ اس??ن وٽ ٻيو ڪو رستو نه آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سندس ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته 2022ع ۾ معاشي اس??حڪام لاءِ گڏجي ڪم شروع ڪيو هو، انهي جذبي سان اڳتي وڌنداسين، سنڌ جي صوبائي حڪومت وفاق سان گڏجي عوام جي اميدن تي پورو لهندي.
معاشي استحڪام جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ويجهي تعلق ۽ هم آهنگي جي اهميت آهي، عوام جي مسئلن جي حل، ملڪ جي خدمت، صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کڑک