رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسيري اتاما حاجي محمد بن حاجي حسن سان عالمي تعاون، ترقي ۽ توانائي جي فروغ جي لاءِ خصوصي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي، ورلڊ اڪنامڪ فورم ??و اجلاس 28 ۽ 29 اپريل تي سعودي عرب ج?? گادي واري شهر رياض ۾ ٿ?? رهيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپ?? کي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ وسيع تر لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن جي اڳئين دور ??و اجلاس هلندڙ سال دوران اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ڌريون مارڪيٽن جو جائزو وٺنديون ۽ ٺوس اقتصادي نتيجن جي لاءِ مختلف شعبن ۾ پيش ڪيل موقعن مان ڀرپور فائدو کڻنديون. بيان موجب باقاعدگي سان اعليٰ سطحي رابطا ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپ?? کي سگهه ڏين ٿا. ان پس منطر ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ملائيشيا جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنه?? کي هن قبول ڪري ورتو. غزه ۾ جاري انساني بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي ڌرين فوري طور تي گهيراءُ جي خاتمي ۽ فلسطيني?? کي فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو پرامن ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فريم ورڪ جي اندر ويجهي تعاون جي پڻ ضرورت آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ