بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ ترقي جي لاءِ چين جي ماڊل مان فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڀائتو بڻايون، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??را??ظم چيو ته پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن جي تقريب کي خطاب منهنجي لاءِ ??عزاز آهي، پاڪستان ۽ چين جي غيرمشروط دوستي جو ڊگهو سفر گڏيل اعتماد ۽ احترام جي رستن تي قائم آهي، اها پائيدار دوستي سرحدن کان ٻاهر هاڻي خلائن ۾ پهچي چڪي آه??، چين جي گهٽ عرصي ۾ تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪستان 24 ڪروڙ آبادي جو ملڪ آهي، پاڪستان جا سعودي عرب، يو اي اي، ڪويت، ايران، افغانستان ۽ ٻين نار ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن پر پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، اها دوستي ذاتي مفاد جي لاءِ نه آه??، چين ٻوڏ، زلزلن ۽ ٻين قدرتي آفتن سميت هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، اها نه ختم ٿيندڙ دوستي ۽ تعلق آهي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي بي لوث ۽ هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وز??را??ظم چيو ته هن 1981ع ۾ پهريون ڀيرو چين جو دورو ڪيو هو ۽ چين جي تعليم، صحت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي جو مشاهدو ڪيو هو، چين مختصر عرصي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، هن عظيم ملڪ بڻجڻ جي لاءِ ??نيا جي سامهون هڪ مثال قائم ڪيو ۽ صنعتن ۽ زراعت جي لاءِ ??ديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو ۽ ان ترقي جو مشاهدو اسان اڄ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ 2024ع ۾ چين دنيا جي ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي چڪو آهي، پاڪستان چين جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آه??، چين جي پيداواري صلاحيت سڄي دنيا ۾ مشهور آه??، چين ۾ سينٽرلائزڊ پلاننگ سسٽم آه??، چين جي مثالي ترقي اڻٿڪ محنت ۽ ڪم سان لگن جي ڪري آه??، چين کانسواءِ ??نيا اڄ هڪ قدم به اڳتي نه ٿي وڌي سگهي، اڄ چين جو واپار کربين ڊالر ۾ آهي. چين انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سميت هر شعبي ۾ ڀرپور ترقي ڪئي آه??، چين دنيا جي ٻي بهترين ۽ مضبوط معيشت آه??، چين ۽ پاڪستان جي اڄ جي هي تقريب هڪ خانداني ميڙ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان چين جي اڻٿڪ محنت ۽ لگن مان سکون ۽ چين جي ماڊل تي عمل پيرا ٿيون ته پاڪستان به دنيا ۾ چيني ڀائرن وانگر وڏو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، چين پنهنجي نوجوانن، صحت ۽ تعليم تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، پاڪستان جي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ ??موريون توانائيون استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ نتيجاخيز بڻايون، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وز??را??ظم چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ نه رڳو چين جي عوام پر پوري دنيا کي ترقي جو رستو ڏيکاريو آهي، شي جن پنگ هڪ ويزنري اڳواڻ آهي جنهن تڪرارن ۽ جنگين کان هٽي ڪري سخت محنت جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو مثال قائم ڪيو آهي، سي پيڪ ۽ بي آر آءِ ??ن ترقي جو مثال آه??، چيني مصنوعات جي اڄ سڄي دنيا ۾ طلب آه??، چين جي ترقي جي ماڊل تي عمل ڪري پاڪستان کي نه رڳو خطي پر دنيا ۾ هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين ۽ پاڪستان هڪ اهڙو باغ بڻجندو جنهن جي خوشبو پوري ملڪ ۾ پکڙجندي، ترقي کانسواءِ ??نيا ۾ عزت ڪمائڻ جو ڪو رستو نه آهي. وز??را??ظم چيو ته اپريل ۾ بشام ۾ چيني ورڪرز تي حملي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي ڪارروائي ۾ 5 چيني ڀاءُ ماريا ويا، ان واقعي پوري پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو، اسان ان واقعي جي پـٺيان ناپاڪ ارادن کي سمجهي سگهون ٿا، ان جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي ۽ سي پ??ڪ جي دشمنن ڪئي، ان بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ حملي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي پونئيرن سان تعزيت ڪريون ٿا، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سلامتي پنهنجي ڀينرن ڀائرن وانگر عزيز آهي، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو.
پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ چين جي ماڊل مان فائدو کڻنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج