اسلام آباد -21 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته تحريڪ انصاف هميشه ڏڦيڙ ۽ تشدد جي ??ياست ڪئي، جيڪا هميشه لاشن جي ??نتظار ۾ رهي ٿي، تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان گڏجي نٿا هلي سگهن، پنهنجي ملڪ ۽ جهنڊي جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا. تحريڪ انصاف تي پابندي جي ??والي سان مشاورت جاري آهي، پي ٽي آءِ جي ??اني کي جيل ۾ سموريون سهولتون مليل آهن، بنون واقعو تحريڪ انصاف پاڻ ڪرايو، خيبر پختونخوا حڪومت جي ??اچ ڪميشن کي رد ڪيون ٿا، جرمني واقعو مذمت جوڳو آهي، جرمني ۾ پاڪستاني س??ارتخاني تي حملي ۾ جيڪڏهن ڪو پاڪستاني ملوث ٿيو ته ان جو پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويندو. پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪجهه اهم حقيقتون عوام آڏو رکڻ ضروري هيون، ته جيئن ڪوڙي بيانئي ۽ پروپئگنڊه تان پردو کڻي سگهجي. هن چيو ته هڪ پارٽي جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي، ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ تشدد جي ??ياست ڪئي وڃي ۽ ملڪ ۾ حالتون خراب ٿين، معاشي استحڪام نه اچي جڏهن اهي اقتدار ۾ هئا تڏهن به انهن جي ??ياست جو طريقيڪار اهو هو، هاڻي اپوزيشن ۾ به اها ئي پاليسي آهي ته ملڪ ۾ دهشت ۽ ڏڦيڙ ڪهڙي ريت پکيڙجي، معيشت کي ڪهڙي طرح نقصان پهچائجي، ملڪ کي ڊي ريل ڪيئن ڪجي؛ اهو ئي انهن جي منشور جو مقصد آهي. هن چيو ته 2014ع ۾ هنن پنهنجي ڌرڻي دوران پي ٽي وي تي حملو ڪيو. هن چيو ته هن هميشه گارگند جي ??ياست ڪئي ۽ پنهنجي مخالفن خلاف غلط زبان استعمال ڪئي؛ هميشه لاشن جي ??ياست سندن وطيرو رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس جي ??يڇ ڪيو ته حملو ڪيو ويو، ان جو بيانئو فوج سان ماڻهن کي ويڙهائڻ هو ته جيئن سسٽم ڊي ريل ٿي سگهي. هن چيو ته اهڙي س??است ڪندڙ پارٽي س??اسي نه دهشتگرد ٿي سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن کي ملڪ ۾ آڻي رهائڻ جي ??والي سان پي ٽي آءِ جي ??اني جو بيان موجود آهي، ان جي هميشه طالبان لاءِ همدردي هئي ۽ هي اڄ به لاشن جي ڳولها ۾ آهن. 15 جولاءِ تي اسان جي 8 جوانن بنون ۾ شهادت ماڻي، لڪي مروت جي هڪ جوان گرنيڊ مٿان سمهي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو ۽ سوين ماڻهن جون جانيون بچائي ورتيون، ان جا 3 ٻار هئا. وفاقي وزير چيو ته هن بنون ۾ فوج طرفان سويلين تي فائرنگ جو الزام لڳايو، بنون ۾ واپارين جو امن مارچ هو جنهن ۾ سياسي پارٽين جا ماڻهو شامل ٿيا ۽ جتي دهشتگردي جو واقعو ٿيو اتي وڃي فائرنگ ڪئي، اتي هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڀڄ ڊڪ دوران 22 ماڻهو زخمي ٿي پيا؛ ان امن مارچ ۾ هٿياربند جٿا شامل ٿيا ۽ انهن فائرنگ ڪئي، ڀڄ ڊڪ ٿي. 15 جولاءِ تي جتي دهشتگردي جو واقعو ٿيو اتي 8 جوان شهيد ٿيا ۽ اتي وڃي فائرنگ ڪرڻ ۽ امن مارچ ۾ هٿياربند شامل ٿيڻ جو ڪهڙو جواز هو. هڪ ڪلوميٽر اندر فائرنگ ڪري هڪ شخص کي ماريو ويو، واپارين امن ۽ استحڪام لاءِ امن مارچ ڪيو. هن چيو ته اهڙي س??است نه ڪيو، 9 مئي جي واقعن ۾ جيڪي ماڻهو استعمال ٿيا انهن جو ڪو به والي وارث ناهي ٿيو، جڏهن ته هنن پنهنجي ??اندان ۽ ليڊرن کي محفوظ ڪري ورتو، هنن سندن ڪيسن جي پيروي نه ڪئي. هن چيو ته بنون واقعي جي ??نڪوائري کان انڪار ڪيو ويو، ظاهر آهي جنهن جا ماڻهو ملوث آهن اهي انڪوائري ڇو ڪرائيندا. هن چيو ته عالمي رسالي ۾ هڪ آرٽيڪل ڇپيو آهي ته خانصاحب کي دهشتگردن جي ڊيٿ وارنٽ ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي پنهنجي ??ور ۾ شهباز شريف کي بڪتر بند گاڏي ۾ آندو ويو. مريم نواز شريف کي هڪ ننڍي س??ل ۾ رکيو ويو جتي مصلحي وڇائڻ جيتري به جاءِ نه هئي، وفاقي وزير چيو ته جيڪو شخص قيد ۾ ٻين کي گهرن مان ماني آڻڻ نه ڏيندو هو، بڪتر بند گاڏين ۾ انهن کي آڻي ڊيٿ سيل ۾ رکندو هو، هو اڄ وڪيلن ذريعي ڪوڙا انٽرويو ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ??اني جي ??ياسي اڳواڻن، وڪيلن ۽ فيملي سان هفتي ۾ 3 ڏينهن ملاقات ٿيندي آهي. کيس سائيڪل ۽ واڪ جي ??هولت ميسر آهي، رڌڻي جو به انتظام موجود آهي، اسان سياسي انتقام ورتو آهي ۽ نه ئي وٺنداسين، هي پرڏيهه ۾ دنيا کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ته کيس ڊ??ٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ??اني کي جيل ۾ سهولتون ميسر آهن. حڪومت ڪڏهن جيل ۾ کيس تڪليف ڏيڻ جي ڳالهه ن?? ڪئي، جڏهن ته هي پنهنجي ??ور ۾ ميڊيسن تائين جيل ۾ وڃڻ نه ڏيندا هئا، اعلان ڪندا هئا ته انهن کي س??ولتون نه ڏيندس. انهن جي ??ڄ به ڪوشش آهي ته کين لاش ملن، بنون ۾ فائرنگ سندن ماڻهن ڪئي، هٿياربند جٿا پاڻ موڪليا. وفاقي وزير چيو ته سندن مڇرايل ماڻهن جرمني ۾ اسان جي ??فارتخاني تي حملو ڪيو، اسان جرمني سان احتجاج ڪيو آهي، ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري ۽ سفارتخاني جي ??يڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان ۾ ڪنهن به پاڪستاني جي موجودگي جي ??والي سان چيئرمين نادرا کي چيو آهي، ته هو ان ويڊيو مان نشاندهي ڪري، قومي جهنڊي جي ??وهين برداشت ڪرڻ جهڙي ناهي، ان جهنڊي ۾ اسان جي ??هيدن جا لاش ويڙهيل ايندا آهن، ان جهنڊي جي ??ربلندي لاءِ قوم قربانيون ڏئي ٿي. اسان جي ??فيسرن ۽ جوانن حياتين جون قربانيون ڏنيون آهن، هن جهنڊي جي ??ربلندي لاءِ جان به حاضر آهي. عطاالله تارڙ چيو ته هي هڪ مائينڊ سيٽ آهي جنهن هميشه ڏڦيڙ جي ??ياست ڪئي. 9 مئي جو حملو، اسيمبلي کي ختم ڪرڻ ۽ سائفر جو ڪوڙو بيانئو گهڙيو. هن چيو ته اڪثر پاڪستانين کي انتشار طرف اڪسايو وڃي ٿو، سندن ڌوڪي ۾ اچي ان واقعي ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نڪتو ته ان جو شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ٿيندو ۽ سخت ترين ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. وفاقي وزير چيو ته هن واقعي تي جرمنيءَ ڪارروائي جي ??اطري ڪرائي آهي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته جرمني واقعي ۾ جيڪڏهن سياسي ڌريون ملوث نڪتيون ته انهن کي بچائي نه سگهندا. هن چيو ته هڪ طرف ملڪ جي ??رقي ۽ خوشحالي آهي ته ٻئي طرف ملڪ کي ڊي ريل ڪيو پيو وڃي. ملڪ جي ??لامتي کي نقصان پهچائڻ جي ??مورين سازشن کان باخبر آهيون ۽ ملڪ جو تحفظ ڪرڻ چاهيون ٿا، ان جون اهي سازشون ڪامياب نه ٿينديون. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اسان ڪنهن کي س??اسي انتقام جو نشانو نٿا بڻائڻ چاهيون، سندن ۽ اسان جي ??رز عمل سان قوم کي آگاهه ٿيڻ گهرجي، اسان پنهنجي ملڪ ۽ جهنڊي جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا، مظلوميت جو پرچار ڪرڻ کان ڇوٽڪارو نه ملندو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته انٽرنيٽ جو مسئلو پوري دنيا ۾ آهي، حڪومت جو ان سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته دهشتگردن ۽ ملڪ دشمنن لاءِ معاون ڪنٽينٽ جي موجودگي سبب نگران دور ۾ ايڪس تي پابندي لڳائي وئي. ڊجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي مشاورت جي نتيجي ۾ جوڙي ويندي، ان جو مقصد هڪ اهڙي فورم جو قيام آهي جتي ڪنهن کي شڪايت هجي ??ه ان جي ??ڪايت داخل ٿي سگهي. ان حوالي سان سمورن صحافتي تنظيمن سان مشاورت جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه افغانستان سان هڪ دوست ۽ پاڙيسري ملڪ وارو تعلق رکيو آهي، پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، هن چيو ته جرمني واقعي تي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بنون ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو ان جي وزيراعظم مذمت ڪئي، ڪي پي ڪي حڪومت ان تي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪري، هو دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ سهڪار ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان واپس آندل دهشتگردن سبب پوري قوم کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي ??هيو آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل 6 جي معاملي تي پيپلز پارٽي حڪومت جو ساٿ ڏيندي، نيئر بخاري جو بيان به واضح آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي ??ور ۾ اسيمبلين کي ختم ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. جهڙي ريت هي ڏڦيڙ کي هٿي ڏئي رهيا آهن، ڳالهين تي تيار ناهن، ته اسان اهو سمجهون ٿا ته هي دهشتگرد پارٽي آهي جيڪا ملڪ لاءِ خطرو آهي،تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان گڏجي نٿا هلي سگهن، پي ٽي آءِ تي پابندي جي ??والي سان اصولي فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن تي مشاورت جاري آهي.
تحريڪ انصاف هميشه ڏڦيڙ ۽ تشدد جي سياست ڪئي، پي ٽي آءِ سندن لاشن جي انتظار ۾ رهي ٿي، تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان گڏجي نٿا هلي سگهن، پنهنجي ملڪ جي جهنڊي جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا: عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores