اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سانوڻي ۾ وڻڪاري مهم لاءِ پيغام ۾ چيو آهي، ته سانوڻي ۾ وڻڪاري مهم 2024ع جي شروعات تي ماحولياتي تحفظ طرفان پاڪستانين جي پختي لگن تي دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو، هي مهم صرف هڪ موسمي قدم ناهي، پر پنهنجي پياري ملڪ جي قدرتي حسن ۽ وسيلن جي تحفظ کي هٿي وٺائڻ لاءِ قومي فرض جو هڪ اهم پاسو آهي. هن چيو ته وڻ زندگي جو اثاثو آهن، تا??ي هوا فراهم ڪن ٿا، آبهوا بهتر بڻائين ٿا ۽ هڪ ماحولياتي نظام جي قيام ۾ مدد ڏين ٿا. وڌندر ماحولياتي مسئلن کي نظر ۾ رکندي وڻڪار?? جي اهميت وڌي وئي آهي. اسان جي پياري پيغمبر به وڻ لڳائڻ جي ترغيب ڏني، اوهان جو فرمان آهي ته جيڪڏهن قيامت قائم ٿي وڃي ۽ توهان مان ڪنهن به شخص جي هٿ ۾ کجيءَ جو ٻو??و هجي ۽ ان کي قيامت قائم ٿيڻ کان پهرين ٻو??ي لڳائڻ جي مهلت ملي وڃي ته هو ان ٻو??ي کي لڳائي ڇڏي. هن وقت ملڪ جي ٽوٽل ايراضي جو صرف 5 سيڪڙو حصو ??نگ??ن جو آهي، ڪاٺين جي وڌندڙ گهرج ۽ ٻين زميني استعمال سبب ??نگ??ن تي شديد دٻاءُ آهي، سانوڻ?? جي موسم وڻڪاري مهم لاءِ اسان جي ماحول تي بهترين اثر وجهڻ ۽ نوجوان نسل لاءِ هڪ سرسبز ۽ صحتمند مستقبل محفوظ بڻائڻ جو موقعو آهي. صدر مملڪت چيو ته ٻيلن کي هٿي وٺائڻ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا ۾ اولين ترجيح آهي. اپ اسڪلڊ گرين پاڪستان پروگرام تحت وڏي پئماني تي ٻو??ا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊيلٽا بليوڪاربن جي قدمن تحت پاڪستان 1990ع کان مينگرو وز جي ايراضي ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪري مينگرو وز جي بحالي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، موسمياتي تبديل?? جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ مينگرو وز لڳايا ويا، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان 27 ملين ڊالرز به ڪمايا ويا. دي ليونگ انڊس پروگرام جو مقصد ٻيلن جي ڪٽائي روڪڻ آهي ۽ ان سان گڏيل قومن جي ڏهاڪ?? جي بحالي جو فليگ شپ ايوارڊ مليو آهي. هن چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته حڪومت ڪميونٽ?? جي تعاون کان سواءِ جهنگلي وسيلن کي هٿي وٺائڻ ۽ تحفظ نٿي ڪري سگهي،انهي لاءِ معاشر?? جي مختلف طبقن جي شموليت اڻٽر آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هو ان نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو ضرور وجهندا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اسان جي نوجوان نسل موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ ٻيلن جي ڪردار جي اهميت کي آگاهه هجي ۽ اسان هن اهم مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سگهه وڌائڻ، تعليم ۽ نواڻ کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.مان سمورن پاڪستانين خاص ڪري نوجوانن کي گذارش ڪيان ٿو ته هو سانوڻ?? جي وڻڪاري مهم 2024ع ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن ۽ وڌ کان وڌ وڻ لڳائي ملڪ ۾ ٻيلن کي هٿي وٺائڻ جو قومي مقصد حاصل ڪري سگهجي. اچو اسان هن مهم جي پائيداري لاءِ اسان جي عزم ۽ هن سر زمين لاءِ اسان جي محبت جي علامت بڻايون. مون کي يقين آهي ته اسان سڀئي گڏجي هڪ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان جو مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا.
وڻ زندگي جو حصو آهن، آبهوا بهتر بڻائڻ ۽ هڪ ماحولياتي نظام جي قيام ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال