اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان جي خطي جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي انٽرنيٽ تائين جي رسائي کان محروم آهي، ڊجيٽل ورڇ جي اڻبرابري سبب حقيقي ترقي جي حاصلات ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن، پاڪستان ڊجيٽل ورڇ جي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لا??ِ پُرعزم آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ايشيا پيسفڪ ايڊوانسڊ نيٽ ورڪ جي 58هين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته وفدن جي وڏي انگ ۾ شرڪت اسان جي ترقي، خوشحالي، ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ اها تقريب ايشيا – پيسفڪ خطي ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ، تحقيق ۾ سهولت ۽ علم جي مٽاسٽا ۾ پاڪستان جي مسلسل چاهه جو ثبوت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڊجيٽل انقلاب ۾ پاڪستان جو وڌندڙ رجحان تعريف لا??ق آهي ۽ چئلينجز ۽ مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايشيا – پيسفڪ ايڊوانسڊ نيٽ ورڪ، هائر ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ پاڪستان ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ نيٽ ورڪ جي خطي ۾ فني تعاون کي وڌائڻ ۾ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن ۽ تحقيق، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گڏيل هدفن جي حاصلات لا??ِ سڀني جو اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. ان نيٽ ورڪ سان موسمياتي تبديلي، صحت، غربت، غذائي تحفظ ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لا??ِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي. هن چيو ته اسان جي خطي جي 50 سيڪڙو آبادي اڃا به انٽرنيٽ جي رسائي کان محروم آهي ۽ اهوئي سبب آهي ته ڊجيٽل ورهاست جي اڻبرابري سبب حقيقي ترقي جي حاصلات ۾ رڪاوٽون پيدا ٿين ٿيون. پاڪستان ان اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لا??ِ پُرعزم آهي. سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اي پي اي اين جي سهڪار سان فني ترقي پوري ملڪ خاص طو?? تي پٺتي پيل عوام تائين يقيني بڻائي ويندي ۽ جامع ۽ برابري ترقي جي حڪمت عملي کي اختيار ڪرڻ سان ئي اسان پوري خطي ۾ بامعنيٰ ترقي ڪري سگهون ٿا. سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان پاڪستان پ??هن??ي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي حفاظت ۽ اهميت کان چڱيءَ ريت واقف آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي سائبر سيڪيورٽي حملن ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ 2023ع ۾ سائبر حملن ۾ 38 سيڪڙو واڌ ٿي. پاڪستان سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط ۽ وڌيڪ فعال بنائڻ ۾ قدم کڻي رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ڊجيٽل اسپيس ۾ به علائقائي شراڪتدارن سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لا??ِ پُرعزم آهي ته اسان جي فني ترقي ماحولياتي ذميداري سان هم آهنگ آهي. اسان گرين ٽيڪنالاجي جي تحقيق ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳيان آهيون ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ خاص طو?? تي سينيٽ، قومي ۽ فني ترقيءَ کي اڳيان وڌائڻ لا??ِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڌيان اهڙين پاليسين جي جوڙجڪ تي آهي جيڪا جدت کي هٿي ۽ ڊجيٽل انفراسٽراڪچر جي تعمير ڪري. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ قانونسازي ذريعي ڊجيٽل تبديلي کي آسان بڻايو آهي ۽ ان قانونسازي سان آءِ سي ٽي سيڪٽر جي ترقي، سائبر سيڪيورٽي ۽ جدت جي حوصله افزائي ۾ بهتري آئي آهي. چيئرمين چيو ته پاڪستان پاڻ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اندر ڊجيٽل تبديلي کي اپنائڻ لا??ِ ڪوشان آهي ۽ پيپر فري چيمبر بنائڻ ۽ سموري عمل کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لا??ِ قدم کڻي رهيو آهي. انهن قدمن سان سينيٽ جو ڪم وڌيڪ شفاف، اثرائتو ۽ رسائي جي قابل ٿي ويندو ۽ سينيٽ جون سموريون سرگرميون مڪمل طو?? تي ڊجيٽلائيزڊ ٿي وينديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ نوجوان ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت ۾ معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لا??ِ هڪ بي پناهه وسيلن جي نمائندي ڪن ٿا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان اڳ ئي 20 لک کان وڌيڪ فري لانسرز سان عالمي فري لانس اڪانومي ۾ اهم شراڪتدار آهي. پاڪستان فري لانسرز ۽ ڪاروباري ماڻهن جي عالمي سطح تي رسائي کي وڌائڻ لا??ِ پُرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم وڌي رهيو آهي. مضبوط عالمي رابطن کي هٿي ڏئي اسان پ??هن??ي اسٽارٽ اپس لا??ِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائيءَ سان روزگار جا وسيع موقعا ۽ اقتصادي ترقي کي اڳيان وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته صحت، تعليم، دفاع، دفاعي پيداوار ۽ ٻين شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ اچو ته اسان هڪ اهڙي مستقبل طرف ڪم ڪريون جتي ٽيڪنالاجي اسان جي قومي ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي طو?? تي ڪم ڪري جيڪا اسان کي وڌيڪ خوشحال، جامع ۽ پائيدار خطي طرف وٺي وڃي.
پاڪستان ڊجيٽل ورڇ جي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania