اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ جي ڌرين جي 29 ھين ڪانفرنس (ڪوپ 29 ) ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جي گادي و??ري شھر باڪو روانو ٿي و??و آھي. ناڻي و??ري وزارت ط??فان ج??ري بيان مطابق پنھنجي دوري دوران ناڻي و??ري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪوپ 29 ھين ڪانفرنس دوران اعليٰ سطحي و??هڪن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان کان سواءِ ناڻي وارو وزير ڪانفرنس ۾ قائم پاڪستان پويلين ۾ منعقد تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. سرحدي مارڪيٽن ۾ مقامي ماحولياتي ڪارروائي ۽ بصيرت فنڊ ج??ري ڪرڻ جي موضوع تي منعقد تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير پاڪستان پويلين ۾ نيشنل ڪلائميٽ فنانس اسٽريٽجي ج??ري ڪندو. ناڻي وار وزير، منصوبا بندي و??ري وزارت جي انتظام ھيٺ ”ڪلائميٽ ريسپانسو پبلڪ انويسٽمينٽ“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ پينل مباحثي پڻ شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير ڪاريڪ پارٽنرشپ فار ڪلائميٽ انوويشن اينڊ ٽريڊ جي موضوع تي اعليٰ سطحي و??هڪ ۾ پڻ شريڪ ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ناڻي وارو وزير پنھنجي خطابن ۽ ڳالھين ۾ موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل نقصان، موافقت، گهٽتائي ۽ لاڳو جي رخن تي ھاڪ??ري ۽ متوازن اڳڀرائي جي اھميت کي اجاگر ڪندو، ناڻي وارو وزير اسرندڙ ملڪن کي درپيش موسمياتي مسئلن جي حل لاءِ اڳڪٿي ۽ توقع جي بنياد تي فنانسنگ جي ضرورت تي زور ڀريندو. ناڻي وارو وزير پنهنجي تقريرن ۾ موسيماتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي تاريخي ذميو??ري جو احساس ڏياريندو. برابري، حصيد??ري سان گڏوگڏ فرق تي ٻڌل احساس سان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي اصول جي اهميت واضح ڪئي و??ندي، ترقي يافته ملڪن مان نقصان ڏيندڙ گئسن جي خارج ٿيڻ تي وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. وطن واپسي تي ناڻي و??ري وزير آءِ ايم ايف وفد سان الوداعي گڏجاڻي ڪندو.
ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب 29 ھين ڪوپ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی