لاھور-13 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وزي??اع??يٰ مريم نواز شريف چيو آھي ته مھرباني اھا روشني آھي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي، خواھش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظ?? اچي. اربع ڏينهن مھرباني جي عالمي ڏھاڙي تي جاري ڪيل پنھنجي پيغام ۾ وزي??اع??يٰ مريم نواز چيو ته ڪنھن جو حال اورڻ، ڪنھن کي دلاسو ڏيڻ ۽ مسڪرائي ??ال??ائڻ به نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جي سنت مبارڪه آھي، مھرباني اھڙي پوشيده ??اق?? آھي جنھن جو اثر دل ۾ محسوس ٿئي ٿو. ھن چيو ته ننڍيون ننڍيون مھربانيون به وڏو ھاڪاري اثر رکنديون آھن، مھرباني اھا روشني آھي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي. ھن چيو ته خواھش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ٿئي ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظ?? اچي. مريم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ماڻھو مھرباني کي زندگي جو حصو بڻائين ته جيئن ايندڙ نسل کي بھتر دنيا ڏئي سگھجي.
ننڍيون ننڍيون مھربانيون به وڏو ھاڪاري اثر رکنديون آھن: وزيراعليٰ مريم نواز جو مھرباني جي عالمي ڏھاڙي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان