اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي، ڪشميري عوام جي خواهشن ?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي حل جو مطالبو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڪشميري پارٽين تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار کي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته 15هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50هين اجلاس ۾ ڪش??ير ڪاز جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي جي رابطا گروپ جا ٽي اجلاس هن سال مئي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ٿيا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي حل لاءِ هر ممڪن سياسي ۽ سفارتي ڪوششون جاري رکندو.
پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria