اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو و??ندو. بريل 6 نقطن تي ٻڌل هڪ اهڙو منفرد رسم الخط آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ڏسڻ کان محروم (معزور) ماڻهن جي سهولت لاءِ اختيار ڪيو و??و آهي. 1824ع ۾ بريل جي شروعات لوئي بريل ڪئي هئي جيڪو ننڍپڻ ۾ هڪ حادثي سبب پنهنجو نور وڃائي ويٺو هو، لوئي بريل اها رسم الخط فرانس جي فوج جي پيغام پهچائڻ جي طريقي کان متاثر ٿي اختيا ڪيو هو جنهن ۾ 6 نقطن بدران 12 نقطن جو استعمال ڪيو و??و هو، لوئي بريل ان رسم الخط کي بدلائي آسان بڻايو ۽ ان کي نور کان محروم ماڻهن تائين پهچائڻ شروع ڪيو. لوئي بريل جي ان اهم خدمت کي نظر ۾ رکندي هر سا?? سندس جنم ڏينهن تي عالمي بريل جو ڏهاڙو ملهايو و??ندو آهي. بريل جي عالمي ڏهاري جي مناسبت سا?? سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديو?? ته جيئن عام ماڻهو کي ان حوالي سا?? آگاهي فراهم ڪري سگهجي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز