واشنگٽن -12 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄائي امريڪي ڪاروباري ما??هن تي زور ڀريو آهي ته هو مڪمل اعتماد سان پنهنجي ملڪ ۾ سي??پڪاري ڪن. سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز مطابق هن آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊالاس ۾ پاڪستاني آمريڪن بزنس فورم (پي اي بي ايف) جي سالياني ايوارڊ بينڪوئٽ 2023ع جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اسان آمريڪا ۽ نار خطي جي ڪاروباري ما??هن کي پاڪستان ۾ سي??پڪاري جي دعوت ڏئي رهيا آهيون. چين پهرين ئي سي پيڪ تحت منصوبن ذريعي سي??پڪاري ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان نار خطن کي صنعتي شعبي ۾ سي??پڪاري جي دعوت ڏيون ٿا ۽ هو ڪيترن ئي يورپي ۽ اتر آمريڪي فرمز سان شراڪتداري ڪري رهيا آهن. جنهن سان پاڪستان ۾ وڌيڪ سي??پڪاري جو هڪ تمام وڏو موقعو فراهم ٿي رهيو آهي ڇو ته اتي سي??پڪاري لاءِ بنيادي ڍانچو موجود آهي ان لاءِ هن مارڪيٽ ۾ قدم رکو ۽ پوئتي هٽڻ بجاءِ مڪمل اعتماد سان سي??پاڪري ڪيو، پاڪستان سي??پڪاري لاءِ تيار آهي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 80 آمريڪي ڪاروباري ادارن جي موجودگي سان پاڪستان ۾ سي??پڪاري لاءِ اڳ ئي وسيع انفراسٽرڪچر موجود آهي ۽ توهان کي سيرپڪاري جي پيماني کي وڌائڻو آهي، پاسڪتان ۾ ان لاءِ ڪافي موقعا موجود آهن. هن پاڪستاني ڄائي آمريڪي برادري کي ا??ٽٽ حمايت کي ياد ڪندي چيو ته برادري هميشه پاڪستان سان بيٺل رهي آهي ۽ هو پنهنجي سيرپڪاري ۽ هاڪاري شراڪت سان پاڪسان ۽ ان جي معيشت جي حمايت جاري رکندي.
پاڪستان ڄائي امريڪي واپاري برادري مڪمل اعتماد سان پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري: سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II