اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وا??رس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. جمعي ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 304 مريضن جا ٽي??ٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وا??رس سبب فوت ٿيا جنهن مان 32 متاثر مريض اس??تالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وا??رس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 923 ٽي??ٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هزار 599، پنجاب ۾ 12 هزار 38، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 487، اس??ام آباد ۾ 7 هزار 187 ، بلوچستان ۾ 746 ، گلگت بلتستان ۾ 329، آزاد ڪشمير ۾ 537 ٽي??ٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعد??د 3 لک 21 هزار 563 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ ه??ار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 195 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 23 هزار 641 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس سبب متاثر ماڻهن جو تعد??د 3 لک 52 هزار 296 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات