اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ ا??غا??ستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي، پرامن ۽ مضبوط ا??غا??ستان جي لاءِ پاڪستان ڀرپور حمايت ڪندو، ا??غا??ستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ا??غا?? اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هو ا??غا??ستان سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن سان ڳالهائي رهيو هو جن ڪالهه اڱاري ڏي??هن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. سياسي اڳواڻن جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان دين، تاريخ، جا??رافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مضبوط رابطن جي ذريعي پاڪستان جي عوام پاران ڀائر ا??غا?? عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ ا??غا??ستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ ا??غا?? اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ا??غا??ستان کي پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعميري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم ا??غا??ستان ۾ ٺوس سياسي حل جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم ا??غا??ستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم عمران خان خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪندو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ امن ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هنن چيو ته ا??غا??ستان جو معاشرو گهڻ نسلي نوعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. ا??غا?? وفد پاڪستان ۽ ا??غا??ستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.
پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی