اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) نئين وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کڻي ورتو، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي نون وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ??ول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سياسي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخ??يت?? وفاقي ڪابينا جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا ۾ مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين کي نمائندگي ڏني وئي آهي. نئين ڪابينا ۾ جن وزيرن کي وفاقي وزير جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ خواجه محمد آصف، ??حسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، راڻا تنوير حسين، خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، ميان جاويد لطيف، ??ياض حسين پيرزاده، مرتضيٰ جاويد عباسي، اعظم نذير تارڙ، ??يد خورشيد احمد شاهه، ??يد نويد قمر، شيري رحمان، عبدالقادر پٽيل، شازيه مري، ??يد مرتضيٰ ??حم??د، ساجد حسين طوري، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين، اسعد ??حم??د، عبدالواسع، مفتي عبدالشڪور، محمد طلحيٰ ??حم??د، ??يد امين الحق، ??يد فيصل علي سبزواري، محمد اسرار ترين، نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ طارق بشير چيما شامل آهن. ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، حنا رباني کر ۽ عبدالرحمان خ??ن ڪانجو کي ڪابينا ۾ مملڪتي وزير جا قلمدان ڏنا ويا آهن. ڪابينا ۾ قمر زم??ن ڪائره، انجنيئر امير مقام ۽ عون چوڌري کي صلاحڪارن جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. نئين وفاقي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادين پارٽين جي سربراهن س??ن ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف جي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊ ڪئي هئي.
نئين وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کڻي ورتو
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores