ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته مسئلن ۽ چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آه??، ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بهتري لاءِ مالي مسئلن جي باوجود سمورا ممڪن وسيلا مهيا ڪنداسين، ٽيڪسٽائيل نه رڳو معيشت پر روانگي واپار جي لاءِ پڻ ڪرنگهي جي هڏي جو درجو رکي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ٽيڪسٽائيل ايڪسپو کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيڪسٽائيل ايڪسپو جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي وزيراع??م چيو ته هن ايڪسپو ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به سيڙپڪار شريڪ آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آه??. ٽيڪسٽائيل نه رڳو اسان جي معيشت پر روانگي واپار جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. پنهنجي صنعتڪارن ۽ برآمد ڪندڙن جي ميڊ اِن پاڪستان شين جي برآمد جي لاءِ انهن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. مختلف چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون. ڪاروباري ماڻهن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بهتر ٿي رهيو آه??. سيڙپڪار پاڪستان اچي خوشي محسوس ڪن ٿا. مسئلن جي باوجود پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آه??. ٽيڪسٽائيل سيڪٽر اسان جي روانگي واپار جو مرڪز آه??. هن چيو ته پاڪستان جي نيٽ ويئر ۽ گارمينٽس جي عالمي برانڊ پاران طلب، پراڻي ٽيڪسٽائيل ٽيڪنالاجي ۾ جدت هن شعبي جا اهم سنگ ميل آهن. واپار وارو وزير، واپار وارو سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم ۽ پاڪستان ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين زبير موتي والا جي ان شعبي جي بهتري لاءِ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ آه??. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي شعبي جو ملڪي روانگي واپار ۾ 60 سيڪڙو آه??. هن ٽيڪسٽائيل جي شعبي سان واڳيل ماهرن کي ??يو ته اهي اڳتي اچن ۽ پاڪستان جي روانگي واپار ۽ ان شعبي جي بهتري لاءِ پنهنجون تجويزون ڏين. وزيراع??م چيو ته ايندڙ هفتي کان پري بجيٽ اجلاسن جو سلسلو شروع ڪنداسين. ناڻي واري وزير کي پڻ مون سان گڏ اچڻو هو پر هو نه اچي سگهيو، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ خاص معاون ڊاڪٽر طارق باجوه اسان جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهي مون سان گڏ آهن. مالي چئلينجن سميت ٻين مشڪلاتن جي باوجود چمڙي ۽ ٽيڪسٽائيل، راندين جي سامان سميت ٻين مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا مهيا ڪنداسين. هن ايڪسپو جي شرڪت ڪندڙن کي ??يو ته اهي ٺوس تجويزن سان اڳتي وڌن. پنهنجي صارفين کي معياري شين جي فراهمي يقيني بڻائين. هن چيو ته ان ۾ ڪا لڪل ڳالهه نه آه?? ته پاڪستان ٽيڪسٽائيل مصنوعات جي شعبي ۾ پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ ڪيترائي ڀيرا اڳتي هو جڏهن ته بدقسمتي سان اسان پٺتي رهجي وياسين. اسان کي ٻيهر انهي رستي تي گامزن ٿيڻو آه?? ۽ پنهنجي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڪرڻو آه??، اهو ڪو مشڪل ڪم نه آه??، ان جي لاءِ واپار وارو وفاقي وزير ۽ ان جي ٽيم اهم ڪردار ادا ڪندا. هن ايڪسپو جي منتظمين پاران ڀرپور نمائش منعقد ڪرڻ تي انهن کي ساراهيو. ڪراچي پاڪستان جو شاندار شهر آه?? ۽ هتي باني پاڪستان دفن آه??. واپار واري وزارت پاران نيشنل ڪمپلائنس سيل قائم ڪيو ويو آه??. جيڪو وقت جي ضرورت هئي. اسان يورپي يونين پاران جي ايس پي پل?? جو درجو ڏيڻ تي انهن جا ٿورائتا آه??ون. هن چيو ته اسان ان حقيقت کان آگاهه آه??ون ته گڊ گورننس سميت سمورا لوازمات پورا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آه??ون. هن چيو ته اسان قانون جي حڪمراني، ميرٽ ۽ آئين موجب اڳتي وڌڻ تي يقين رکون ٿا. هن غيرملڪي شرڪت ڪندڙن کي ??يو ته اهي اسان جا مهمان آهن انهن جي لاءِ گورنر هائوس جا دروازا کليل آهن. اهي اتي اچي ٽيڪسٽائيل جي شعبي جي حوالي سان معاهدا ڪري سگهن ٿا. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول انتهائي سازگار آه??، پوري دنيا کي دعوت ڏيون ٿا ته اهي ميڊ اِن پاڪستان شيون خريد ڪن. هن چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات انتهائي اعليٰ معيار جون آهن. روس يوڪرين جنگ سان سڄي دنيا جي معيشتن کي بحران درپيش رهيو آه??. هن چيو ته روانگي واپار وڌائي معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم جي هن ايڪسپو ۾ موجودگي ان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بهتري جي عزم جو ثبوت آه??. ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان جي چيئرمين زبير موتي والا چيو ته ٽيڪسٽائيل انڊسٽري پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آه??، پاڪستان دنيا ۾ ڪپهه پيدا ڪندڙ پنجون وڏو ملڪ آه??. اسان ڊگهو سفر ڪيو آه?? هٿ سان ٺهيل شين کانپوءِ هاڻي جديد طرز جي مينوفيڪچرنگ تي اچي چڪا آه??ون. هن چيو ته اسان دنيا جي هر وڏي برانڊ کي خدمتون ڏيون ٿا. پاڪستاني ٽيڪسٽائيل پنهنجي معيار جي ڪري دنيا ۾ منفرد آه??. هن شعبي ۾ وڏي صلاحيت آه??. هاڻي ان شعبي ۾ جدت آڻي رهيا آه??ون. ان موقعي تي وزيراعظم ايڪسپو جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم سان گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو. وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، احسن اقبال، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
مسئلن ۽ چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم