اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، ترقي جي حوالي سان منهنجو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي، بلوچستان ۽ پ??ڪستان جو مستقبل م??فوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته ڪالهه هن وفاقي وزيرن، آرمي چيف، بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير ۽ حڪومتي آفيسرن سان گڏ گوادر ۾ اهم ڏينهن گذاريو، اسان ترقي، بنيادي ڍانچي ۽ تعليمي منصوبن جي هڪ سلسلي جو سنگ بنياد رکيو آهي جنهن سان علائقي جي تقدير بدلجي ويندي. وزيراعظم ??يو ته هڪ اڌ ڪوششن جي باوجود بلوچستان اسان جي گڏيل غفلت جو نشانو بڻيو آهي، ان صوبي ٻين وفاقي اڪائين جي برابر ترقي نه ڪئي آهي جو شرم جو سبب آهي. وزيراعظم ??يو ته ترقي جي لاءِ ان جو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي. ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ ڀلائي ئي حقيقي ترقي جي ضامن آهي. وزيراعظم ??يو ته بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، جڏهن انهن جي ۽ انهن جي ٻارن جي زندگي ۾ بهتر تبديلي ايندي ته اهي ترقي جا مالڪ ۽ حصيدار بڻجي ويندا. وزيراعظم ??يو ته گذريل سال ايندڙ بدترين ٻوڏ دوران هن بلوچستان جي سمورن متاثر علائقن جو دورو ڪيو ?? حالتن جو پاڻ مشاهدو ڪيو. وزيراعظم ??يو ته هو سمجه?? ٿو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم ??يو ته ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب دوران بلوچستان جي نوجوانن سان سندس ملاقات ان دوري جو هڪ اهم حصو هئي. انهن نوجوانن جي چمڪندڙ چهرن کيس يقين ڏياريو آهي ته بلوچستان ۽ پ??ڪستان جو مستقبل م??فوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آهي.
بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، ترقي جي حوالي سان منهنجو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر