اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ?? عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي، پورو پاڪستان خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، انهن قدرتين وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، ريڪوڊ?? منصوبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بيرڪ گولڊ جي وفد ريڪوڊ?? منصوبي تي سيڙپڪاري ۾ پاڪستان حڪومت جي حصي جي پاڪستاني رپين ۾ ادائيگي تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مارڪ برسٽوو وزيراعظم کي ريڪوڊڪ ۾ جاري ترقياتي ڪم تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ?? عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي، منرل سمٽ جي ڪا??يا??ي ۽ پاڪستان ۾ بيرڪ گولڊ جهڙين عالمي ڪمپنين جي اعتماد جي بحالي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جاري ڪرڻ ممڪن ٿيو. هن چيو ته پورو پاڪستان خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، انهن قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊ?? منصوبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ان منصوبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميواري پوري ڪن. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريڪوڊڪ ۾ ڪميونٽي ڊيولپمينٽ ڪميٽي جو قيام ڪيو ويو آهي جيڪا بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي امڪاني قدمن جي نشاندهي ڪري ٿي، ڪميٽي ۾ شامل مقامي نمائندا مقامي ماڻهن جي ترقي جي لاءِ منصوبن جي نشاندهي پاڻ ڪن ٿا، ريڪوڊ?? منصوبي ۾ بلوچستان خاص طور تي باصلاحيت مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ??راهم ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته منصوبي جي سيڙپڪاري مان علائقي جي ترقي تي پڻ وڏي رقم خرچ ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊ?? منصوبي جي حوالي سان تازو معاهدو ٻنهي ڌرين جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ