اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي معاشري مان عدم برداشت جي خاتمي ۾ فلمن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سٺيون فلمون معاشري جي بهتري ۾ اه?? ڪردار ادا ڪن ٿيون، فلمن جو نه رڳو پراڻي پر موجوده دور ۾ به تاريخي ڪردار رهيو آهي، سٺيون فلمون تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو سيکارين ٿيون، اسان جو نوجوان نسل ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي رهيو آهي، نوجوانن کي سکڻ جو عمل جاري ۽ پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”ٻئي نقش ڊيجيٽل فلم فيسٽيول 2023ع“ جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چي?? ته نقش ڊيجيٽل فلم فيسٽيول فاطمه جناح يونيورسٽي جي هڪ اه?? ڪوشش آهي، فلمن جو نه رڳو پراڻي پر موجوده دور ۾ پڻ اه?? تاريخي ڪردار آهي. هن چي?? ته سٺيون فلمون اخلاقيات سيکارڻ سان گڏوگڏ تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو پڻ سيکارين ٿيون. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته اسان جا نوجوان ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي رهيا آهن، نوجوان سکڻ جي ان عمل کي جاري رکن. هن چي?? ته فيسٽيول ۾ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي سان يو اين ايف پي اي سميت ٻين عالمي ادارن جي حصيداري ڏسي خوشي ٿي. هن چي?? ته پي ٽي وي قومي نشرياتي ادارو آهي جيڪو ان عظيم فيسٽيول ۾ حصيدار آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير فيسٽيول ۾ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته رنرز اپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??. هن چي?? ته نوجوانن کي پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، اسان کي معاشري ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. هن چي?? ته ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ تي فاطمه جناح يونيورسٽي ۽ ٻين حصيدارن جا ٿورائتا آهيون، اطلاعات واري وزارت جا دروازا نوجوانن جي لاءِ سدائين کليل آهن، اطلاعات واري وزارت فاطمه جناح يونيورسٽي سان هر ??مڪن تعاون ڪندي.
سٺيون فلمون معاشري جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری