اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي بابت وفاقي وزير سيد محسن نقوي چيو آهي ته الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آه?? ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، وڪيل برادري لاءِ جيڪو ڪجهه ڪر?? پئي سگهياسين ڪيو، وڪيل برادري منهنجي دل جي ويجهو آهي. هڪ مقامي هوٽل ۾ وڪيل اڳواڻن طرفان ڏنل سندس اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ خيالن جو ??ظه??ر ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر احسن ڀون، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي عهديدارن، پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ مختلف بار ايسو سي ايشنز جي عهديدارن پڻ شر??ت ڪئي. هن چيو ته مان ٽيم ورڪ تي يقين رکان ٿو ۽ ٽيم ورڪ سان بهتر نتيجا حاصل ڪر?? سگهجن ٿا. ان موقعي تي وڪيل برادري وفاقي وزارت جو ??نص?? سنڀالڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظه??ر ڪيو. وڪيل برادري جي ڀلائي لاءِ رڪارڊ ڪم ڪرڻ تي محسن نقوي جا ٿورا پڻ مڃيا.
الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ