اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا اڊيالا مان ملڪ دشمني جي گائيڊ لائين وٺي ره??ا آهن، ڪنهن کي پاڪستان تي تنقيد ۽ پرڏيهي پاليسي تي حملي آور ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻ عمران خان جو شيوو ره??و آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو هائوس جو ڌيان پاڪستان جي مفاد ۾ سان واڳيل پاليسي جي محاذ طرف ڇڪرائڻ چاهي ٿو. پرڏيهي پاليسي هڪ حساس موضوع آهي?? گذريل ڏينهن صدر ج?? خطاب دوران جيڪو هن ايوان ۾ ٿيو، افسوسناڪ هو، ماضي ۾ هن هائوس جي روايت ره?? آهي ته اپوزيشن پاران علامتي احتجاج ڪيو ويندو هو ان کانپوءِ ايوان ۾ ويهي تقرير ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه گيلريز ۾ غيرملڪي سفارتڪار به موجود هئا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ايوان جي اندر باجا وڄايا ويا، اپوزيشن ايوان جي اندر غلط روايتون وجهي ره?? آهي، ماضي ۾ اهڙي طرح ايوان جو ماحول ڪڏهن خراب نه ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن به دوست ملڪن پاران پاڪستان جي دوري تي وفد اچن ٿا يا سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪو اشارو ڏنو وڃي ٿو ته مُخالف ڌر پاران پاڪستان جي دوست ملڪن جي حوالي سان مختلف قسم جا بيان سامهون اچن ٿا. پي ي آءِ جي هڪ ميمبر پاران هڪ بيان ڏنو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان جي پنهنجي ئي پارٽي ان جي ترديد ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي تنقيد ڪرڻي آهي ته منهنجي ذات تي ڪريو، منهنجي پارٽي تي ڪريو، اسان جي هڪ هڪ ميمبر تي ڪريو، پر پاڪستان تي تنقيد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ۾ به آمريڪي سازش جو بيانيو ٺاهيو ۽ چيو ته اسان ڪو غلام آهيون، آمريڪي سازش جي نتيجي ۾ اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي آهي، ان کانپوءِ انهي بيانيي تي هن يوٽرن ورتو. وفاقي وزير چيو ته انهن جي ليڊر جو شيوو ره??و آهي ته پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻو آهي، سڀني کي اها آڊيو ياد هوندي جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان ان بيانيي سان کيڏڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سائفر سان کيڏي پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي رابطي ڪاري ۽ رابطي جي ڳجهي نظام ک?? خطري ۾ وڌو، سائفر هڪ ڳجهو دستاويز هوندو آهي، ان جو هڪ تقدس هوندو آهي، هن پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڪميونيڪشن نظام ک?? خطري ۾ وجهي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي دوست ملڪن جي خلاف بي بنياد الزام هنيا، هي اڳ ۾ اهڙي طرح جا بيان ڏيارين ٿا ۽ ان کانپوءِ ان جا ترجمان انهن جي ترديد ڪن ٿا. هن چيو ته ڪهڙي ضرورت پيش اچي ته پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان ترديد ڪئي وڃي ته اسان جي فاضل ميمبر ڪنهن دوست ملڪ بابت جيڪا ڳال??ه ڪئي هئي اها غلط هئي. هن چيو ته پاڪستان اڳتي وڌي ره??و آهي، معيشت جي حوالي سان مثبت خبرون اچي ره??ون آهن، بلومبرگ، يو اين ڊي پي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا عالمي مالياتي ادارا تسليم ڪري ره??ا اهن ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اچي ره?? آهي، ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي ره??و آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جو خاتمو ٿيڻ وڃي ره??و آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته هن هائوس جي اندر دوست ملڪن جي حوالي سان گڏيل قرارداد آندي وڃي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ملڪ دشمني جي ذريعي ملڪ کي جيڪو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها انهن جي ليڊر جي هدايت تي ڪئي پئي وڃي، انهن کي اڊيالا کان آرڊر اچي ٿو ته ڪنهن به دوست ملڪ جي خلاف ڳال??ه ڪريو، ان کانپوءِ اهي پاڻ ان جي ترديد ڪرائين ٿا، پرڏيهي پاليسي تي ڪنهن به قسم جو ٺا??ه ڪرڻ، ان کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪوڙي بيانيي جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته اڊيالا جيل ۾ ويهي اهي ملڪ دشمن بيانيو هلي ره??و آهي جنهن تحت 9 مئي تي ملڪي دفاع تي حملا ڪيا هئا ۽ هاڻي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي قطعي طور تي اجازت نه ڏني ويندي، هي ملڪ سڀ کان مٿ??هُون آهي ۽ سياسي پارٽيون ان کانپوءِ اچن ٿيون.
پي ٽي آءِ وارا اڊيالا مان ملڪ دشمني جي گائيڊ لائين وٺي رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ