اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران گڏيل مفاد جي مخطتلف شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار جي ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفي واپاري م??ينزم کي فعال ڪرڻ ۽ خطي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار صدر آصف ع??ي زرداري ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئ??سي جي وچ ۾ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف ع??ي زرداري ايراني هم منصب سيد ابراهيم رئ??سي جو ايوان صدر اچڻ تي استق??ال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف ع??ي زرداري غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه جي عوام جي خلاف اسرائيل جي فوجي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان فلسطيني ڪاز جي مستقل ۽ واضح حمايت جاري رکندو. ٻنهي صدرن غزه جي عوام تي اسرائيلي ڏاڍ جي خاتمي، انساني امداد ۾ اضافي جي لاءِ عالمي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف ع??ي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ايران لاڳاپن کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر عام چونڊن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ پهرين ملڪي سربراهه هجڻ تي ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئ??سي جا ٿورا مڃيا. هن ??صولي موقف ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ۽ انهن ??ي خودمختياري جي حق جي مسلسل حمايت تي ايران کي ساراهيو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ٻطرفو واپار 10 ارب ڊالر جي سطح تائين وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئ??سي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳا وڌيڪ وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي مفاد ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايران جي صدر غزه ۾ جاري انساني بحران جي دوران فلسطيني ڀائرن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. بعد ۾ صدر آصف ع??ي زرداري ايراني صدر جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.
پاڪستان ۽ ايران پاران گڏيل مفاد جي مخطتلف شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ، واپار جي ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفي واپاري مڪينزم کي فعال ڪرڻ ۽ خطي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ