شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تا??يخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تا??يخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ?? تبديل ڪنداسين، چيني حڪومت جي تا??يخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم م??مد شهباز شريف ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چين جي دوري جي موقعي تي شي – آن ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تا??يخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي پنهنجي اباڻي شهر شي – ان ۾ ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دوري دوران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي تا??يخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ قديم چيني تا??يخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو ۽ چيو ته عظيم قومون چين وانگر پنهنجي تا??يخي ورثي جي حفاظت ڪن ٿيون. هن چيو ته ٻه سئو قبل مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر ساراهه جوڳو آهي، چيني حڪومت جي ان تا??يخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي ان ميوزيم جي دوري جي دعوت تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان تا??يخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ به اهڙي تا??يخي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ?? تبديل ڪنداسين. وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي وفاقي وزير خواجه م??مد آصف، احسن اقبال، م??مد اورنگزيب، عطاءُ الله تا??ڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا.
پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ