اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ۽ پاڪستان ڪاڪس جي باني ۽ شريڪ چيئرپرسن شيلا ج??ڪسن لي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪي?? بيان ۾ صدر مملڪت آنجهاني ڪانگريس وومن جي گهرڀاتين ۽ دوستن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شيلا ج??ڪسن لي هڪ قابل ذڪر اڳواڻ هئي، شيلا ج??ڪسن عورتن ۽ ٻارن سميت انساني حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. پاڪستان ۽ آمر??ڪا وچ ۾ لاڳاپا مضبوظ بڻائڻ لاءِ شيلا ج??ڪسن جي ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۾ 2022ع جي تباهه ڪن ٻوڏ دوران هن ??ون ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن، ٻوڏ جي مشڪل گهڙي ۾ هن جي مدد سان ٻوڏ متاثر خاندانن کي اميد ۽ رليف مليو.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ