اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ ها??وس ۾ فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي ا??پيڪر راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بئريسٽر ??وه?? علي خان، عامر ڊوگر سميت مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن، قومي ا??يمبلي ۽ سينيٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ ها??وس جي جامع مسجد جي خطيب مفت حمد الرحمان پڙهائي. ان موقعي تي ا??ماعيل هنيه جي روح جي ايصال ثواب ۽ فلسطين جي آزادي، فلسطيني عوام کي درپيش مسئلن جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي وئي.
فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا، جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ