اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دوست ملڪن مان سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي سُسِتي قبول نه آهي، سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا تجويز ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ قيمتي پٿرن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي و??يع صلاحيت موجود آهي، انهن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪي روانگي و??پار ۾ اضافو ٿيندو پر لکين نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان قدمن تي جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي ٽيم جون ڪوششون ڪامياب ٿي رهيون آهن، گذريل حڪومت جي دور ۾ ملڪ جي خاطر پنهنجي سياست جي قرباني ڏني. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستاني معيشت کي ڊيفالٽ کان بچايو، معيشت استحڪام کانپوءِ ترقي طرف گامزن آهي، حڪومت پاران قومي مفادن کي سياسي مصلحتن تي ترجيح ڏيڻ جي پال??سي جا مثبت اثر هاڻي معيشت تي نظر اچڻ لڳا آهن، موڊيز پاران پاڪستان کي سي اي اي ٽو ريٽنگ ڏيڻ حڪومت جي معاشي پاليسين جي صحيح هجڻ جو عالمي اعتراف آهي. وزيرا??ظم چيو ته اميد آهي ته معيشت انهي رفتار سان مثبت رخ ۾ اڳتي وڌندي رهندي، ان اهم اڳڀرائي ۽ معيشت جي مجموعي بهتر صورتحال جي حوالي سان ناڻي و??ري و??ير ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، دوست ملڪن مان ملڪ جي مختلف شعبن ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين جو نتيجو آهي. وزيرا??ظم چيو ته دوست ملڪن مان سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي سستي قبول نه آهي، سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا تجويز ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ قيمتي پٿرن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي و??يع صلاحيت موجود آهي، انهن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪي روانگي و??پار ۾ اضافو ٿيندو پر لکين نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي عالمي ريٽنگ جي اداري موڊيز جي پاڪستان جي ريٽنگ ۾ بهتري، مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي ۽ جاري منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي تحت منصوبن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيرا??ظم سمورن منصوبن ۾ شفافيت جي عنصر کي اهميت ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي لاڳو ڪرڻ کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار، وفاقي و??يرن ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مص??ق ملڪ، عبدالعليم خان، مملڪتي و??يرن علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، منصوبابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، وزيرا??ظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
دوست ملڪن مان سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي سُسِتي قبول نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا