اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي ??زي?? شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبيڪ عارف عثمانوف اربع ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دل??سپ?? جي معاملن ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. مملڪتي ??زي?? شزه فاطمه چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون اهم آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان ٽيڪن??لا??ي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ازبڪستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، چاهيون ٿا ته ازبڪستان جي ڊجيٽل ٽيڪن??لا??يز واري وزارت ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ قائم ٿئي، ازبڪستان پاڪستان سان اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
آءِ ٽي واري مملڪتي وزير سان ازبڪستان جي سفير جي ملاقات، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی