اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته لياقت علي خان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، لياقت علي خان آز??دي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس شمار قائداعظم محمد ع??ي جناح جي انتهائي بااعتماد ۽ مخلص ساٿين ۾ ٿئي ٿو، شهيد ملت ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي قوم ۽ ملڪ لاءِ پيش ڪيل قربانين ۽ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان تحريڪ پاڪستان جي سرگرم اڳواڻ قائداعظم محمد ع??ي جناح جو ساٿي هو. اسپيڪر چيو ته لياقت علي خان آز??دي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن پاڪستان جي وزيراعظم طور مل?? جي بنيادن کي مستحڪم ڪر?? ۽ قوم کي متحد ڪر?? لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. شهيد ملت اصولن ۽ نظرين تي ٺاهه ڪر?? کانسواءِ پاڪستان جي آز??دي، سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ ۾ اسان کي لياقت علي خان جي نقش قدم ??ي هلڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر لياقت علي خان جي ورسي کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سان ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته شهيد ملت کي خراج عقيدت پيش ڪر?? جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس مشن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن الله تعاليٰ کان لياقت علي خان جي درجن جي بلندي ۽ مل?? جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي.
لياقت علي خان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena