مڪي شر??ف-05 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پهرين محرم 1446 هجري تي ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. عالمي خاب??و اداري ( اردُو نيوز) موجب ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جو ڪم 159 فني ماهرن ۽ ڪاريگرن ذريعي ٿيندو آهي. هر سال ڪعبي شريف جي پراڻي غلاف کي ??ونهري ڪڙن سان ٻڌو ويندو آهي. انهن مان ڪڍي ڪري ان جي جائي تي نئين غلاف کي مڪمل طور تي ڪعبي شريف تي لڳائڻ جي عمل ۾ ٽي کان 4 ڪلاڪ لڳن ٿا . ڪنگ عبدالعزيز ڪسوه ڪمپليڪس ۾ خانه ڪعبه جي غلاف جي تياري تي 200کان به وڌيڪ ماڻهون ڪم ڪن ٿا. اهي سمورا ماڻهون غلاف جي تياري جي مختلف مرحلن ۾ حصو وٺن ٿا .غلاف جي تياري لاءِ هڪ هز??ر ڪلوگرام ڪچو ريشم استعمال ٿيندي آهي جنهن کي ڪمپليڪس جي اندر ڪارو رنگ ڏنو ويندوآهي. ڪپڙي جي تياري جي حوالي سان ڪمپليڪس ۾ جديد ترين مشينون موجود آهن. مشينون قرآني آيتن جو ڀرت تي??ر ڪرڻ ۽ دعائن لاءِ ڪارو ريشم تي??ر ڪن ٿيون. سادو ريشم به تي??ر ڪيو ويندو آهي. ان تي آيتون پرنٽ ڪيون وينديون آهن اهڙي طرح سون ۽ ??ان??ي جي ڌاڳن سان ڀرت پڻ ڀريو ويندو آهي. ڪعبي شريف جي غلاف لاءِ 120 ڪلو گرام سون ۽ 100 ڪلو گرام ??ان??ي جو ڌاڳو استعمال ٿيندو آهي. غلاف جي تياري جي هر عمل ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جي پنجن ڀرپور طريقي سان ٿيندي آهي مواد جي جاچ لاءِ ليبارٽري به موجود آهي.
پهرين محرم تي ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável