اسلام آ??اد – 27 اپريل (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪنسوريشم فار انويسٽيگيٽو جرنلسٽ (آءِ سي آءِ جي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي حوالي سان پنهنجي صحافتي غلطي کي مڃيندي ان جي تصحيح ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان وضاحتي بيان پڻ ج??ري ڪيو آهي. ناليو??ري مقامي اردو اخبار جي اربع ڏينهن شايع ٿيل خبر موجب آءِ سي آءِ جي پنهنجي ويب سائيٽ تي ??نهنجي غلطي جي تصحيح ڪئي آهي ??ه آف شور ڪمپنين ۾ نواز شريف جو نالو نه آهي. انٽرنيشنل ڪنسوريشم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽ (آءِ سي آءِ جي) جنهن پاناما پيپرز جو انڪشاف ڪيو هو ۽ جنهن ۾ آف شور ڪمپنين جا تفصيل هئا هن پنهنجي سمورين خبرن مان وزيراعظم نواز شريف جو نالو ڪڍي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ان جي اڳوڻين خبرن بعنوان دي پاور پليئر اينڊ جائنٽ ليڪ آف افشور فنانشل رڪارڊ ايڪسپوزس گلوبل ??ري آف ڪرائم اينڊ ڪرپشن – آءِ سي آءِ جي جو اڳ ۾ چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف آف شور ڪمپنيون هلائي ٿو جڏهن ته هاڻي آءِ سي آءِ جي وضاحت ج??ري ڪري ڇڏي آهي ??ه ايڊيٽنگ جي غلطي سبب خبر ۾ هڪ جملو غلط هليو ويو جنهن مان مراد هئي ته پاڪستان جو وزيراعظم آف شور ڪمپنيون هلائي ٿو، اها ڳالهه پاناما پيپرز فائلن ۾ سامهون آئي هئي جڏهن ته آف شور ڪمپنيون سندس ٻار هلائين ٿا. اخبار موجب آءِ سي آءِ جي جي ويب سائيٽ وضاحت ج??ري ڪري ڇڏي ته حسن ۽ حسين نواز جا نالا 21 اپريل 2016ع تي اپ ڊيٽ ڪيا ويا. رپورٽ موجب اها اڳڀرائي ظاهري طور (ن) ليگ جي پارليامينٽ ميمبر دانيال عزيز پاران آءِ سي آءِ جي کي ڏني ويندڙ شڪايت کانپوءِ سامهون آئي. هن پنهنجي شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته وزيراعظم جي ذڪر ۾ غلطي ڪئي وئي ۽ حقيقتن کي نظرانداز ڪندي غلط تاثر پيش ڪيو ويو. آءِ سي آءِ جي مٿي ڏنل تاريخ تي ??نهنجي ويب سائيٽ اپ ڊيٽ ڪري سموريون غلطيون ٺيڪ ڪري ڇڏيون.
آءِ سي آءِ جي وزيراعظم جي حوالي سان صحافتي غلطي جي تصحيح ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا