چترال – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ??نداسين، مخالفن جي پروپئگنڊه جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ترقي جو سفر جاري رکنداسين، چترال سان دل جي گهراين سان محبت ڪريان ٿو. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي چترال جي عوام سان اي??رو ئي پيار آهي جي??رو هو مون سان ڪري ٿو. هن چيو ته لواري ٽنل کانسواءِ 17 ارب رپيا رستن جي تعمير تي پڻ خرچ ٿيندا. هن چيو ته اسان جي دلين ۾ بغض نه آهي جنهن کي جي??رو مينڊيٽ مليو ان جو احترام ڪريون ٿا، بغض هجي ها ته صوبن ۾ حڪومت ٺاهي سگهياسين پ??ي. ??ن چيو ته احتجاجي سياست ڪندڙن کي عوام هر جاءِ ت?? رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته چترال ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ٺهنديون. هن چيو ته علائقي ۾ اسپتال جي تعمير جي لاءِ وزيراعظم هيلٿ پروگرام تحت 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاه?? ويندي جنهن جي تعمير جلد شروع ٿيندي ۽ اڪثر منصوبا 2018ع تائين مڪمل ٿ?? ويندا.
اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا